نوشهره ۾ دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ مدرسي ۾ جمعي جي نماز دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ مولانا حامدالحق سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا، ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. ريسڪيو 1122 موجب ڌماڪي جي اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 جون 4 ايمبولينس، ميڊيڪل ٽيمون ۽ فائر ٽيم موقعي تي پهتيون جن 20 ڄڻن کي ڪڍي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو. ذريعن موجب آپگهاتي ڌماڪو جمعي جي نماز جي ادائيگي دوران ٿيو، ڌماڪي ۾ مولانا سميع الحق جو پٽ مولانا حامدالحق به شهيد ٿي ويو آهي، واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ۽ پوليس جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن، پوليس علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي. آءِ جي خيبرپختونخواهه ذوالفقار حميد موجب آپگهاتي ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا جن ۾ مولانا حامدالحق به شامل آهي، آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، واقعي واري هنڌان فرانزڪ ٽيمن شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن. ڌماڪي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتي، جڏهن ته امدادي ٽيمون ۽ مقامي ماڻهن ملبو هٽائي زخمين کي ڪڍيو، پوليس اختيارين موجب ڌماڪو آپگهاتي هو. ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڌماڪي تي ڏک جو اظهار ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي، خيبرپختونخواهه جي گورنر زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي. انهي موقعي تي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جامعه حقانيه اڪوڙه خٽڪ ڌماڪو اسلام، پاڪستان دشمن طاقتن جي سازش آهي، صوبائي حڪومت جي نااهلي جو ڪيتو صوبي جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، دهشتگردن کي ٻيهر رهائش اختيار ڪرائيندڙ حڪمرانن کان ڇوٽڪارو انتهائي ضروري آهي.