اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ عمران خان چيو آهي ته هاڻ صاف ظاهر ٿي چڪو آهي ته حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.عمران خان پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو ته منهنجي خلاف داخل ڪيل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪرڻ جي باوجود هاڻ اهو واضح ٿي ويو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت مون کي گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي.هن چيو ته هنن جي ناپاڪ ارادن باوجود مان اسلام آباد جي عدالتن طرف وڃي رهيو آهيان ڇو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو. هنن جا ناپاڪ ارادا ظاهر ٿي چڪا آهن. واضح رهي ته اسلام آباد ٽول پلازه تي شيلنگ جون رپورٽون پڻ اچي رهيون آهن.لاهور جو گهيراءُ ڪنهن ڪيس ۾ منهنجي عدالت ۾ حاضري کي يقيني بنائڻ نه هو. لاهور گهيراءُ جو مقصد مون کي جيل اماڻڻ هو ته جيئن مان چونڊ مهم جي قيادت نه ڪري سگهان.عمران خان وڌيڪ چيو ته منهنجي گهر مٿان حملي ڪرڻ جو مقصد منهنجو عدالت پهچڻ يقيني بنائڻ جي لاءِ نه هو پر مون کي جيل ۾ وجهڻ هو ته جيئن مان چونڊ مهم جي قيادت نه ڪري سگهان.