ڄامشورو:شهيد ﷲ بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو آهي ته سينيٽ، سينڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جا اجلاس هڪ مهيني اندر ڪوٺائي يونيورسٽيءَ جي ترقي واري رفتار وڌائي ويندي.اهڙن خيالن جو اظهار هن شهيد الله بخش سومرو آرٽ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ مختلف شعبن جي چيئرمين ۽ ايڊمنسٽريشن سان لاڳاپيل شعبن جي سربراهن سان گڏجاڻي دوران ڪيو. ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو چيو ته سينيٽ، سينڊيڪيٽ ۽ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي گڏجاڻي جي شيڊول سالياني ڪئلنڊر ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ انهن جي هڪ هڪ گڏجاڻي هڪ مهيني اندر رکي ويندي ته جيئن فوري حل ٿيندڙ معملا پيش ڪري سگهجن. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن ۽ استادن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ اداري جو جامع ۽ هرهڪ شعبي جو الڳ الڳ آرگينو گرام ترتيب ڏنو ويندو.وائيس چانسلر چيو ته ايندڙ سال جي داخلا لاءِ هڪ جامع مهم هلائي ويندي جيڪا سمورو سال جاري رهندي ته جيئن وڌ کان وڌ نوجوانن تائين داخلا جو پيغام پهچائي سگهجي. ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو داخلائن سان لاڳاپيل مختلف شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اعلانيل نون ٽن شعبن جي ڪاغذي ڪارروائي جلد مڪمل ڪئي وڃي ته جيئن انهن شعبن ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جا ڪلاس جلد از جلد شروع ڪري سگهجن. گڏجاڻيءَ ۾ چئني شعبن جي چيئرمينز ۽ انتظامي معاملا هلائيندڙ سربراهن شرڪت ڪئي.هوڏانهن وائيس چانسلر جي چارج سنڀالڻ تي ملازمن ۽ مختلف شخصيتن پاران ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو کي مبارڪ ڏيڻ جو سلسلو پڻ جاري رهيو.