واٽس اپ ۾ هڪ نئون فيچر متعارف

واشنگٽن: واٽس ايپ ڪجهه ڏينهن اڳ اينڊرائيڊ صارفين لاءِ ڪجهه نوان فيچرز متعارف ڪرايا هئا، هاڻي ميسجنگ ڪمپني آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ ڪجهه نوان فيچرز پيش ڪيا آهن.واٽس ايپ طرفان پيش ڪيل فيچرن مان هڪ پڪچر ان پڪچر موڊ آهي، جنهن کي آءِ فون استعمال ڪرڻ وارا صارفين وڊيو ڪالز دوران استعمال ڪري سگهندا.ان فيچر ذريعي واٽس ايپ تي وديو ڪال دوران ٻيون ايپس پڻ استعمال ڪري سگهبيون.پڪچر اِن پڪچر موڊ کانسواءِ به واٽس ايپ جي آءِ او ايس صارفين لاءِ ڪيئي فيچرز متعارف ڪرايا ويا آهن.هاڻي آءِ او ايس صارفين ڊاڪيومينٽس سينڊ ڪندي ان ۾ ڪيپشن به شامل ڪري سگهندا.اهڙي طرح صارفين لاءِ هاڻ گروپن جا وڌيڪ ڊگها نالا ۽ تعارف لکڻ ممڪن هوندو، جڏهن ته ڊيجيٽل اواتار کي اسٽيڪرز ۽ پروفائيل تصوير طور به استعمال ڪري سگهبو.هي ٽئي فيچر پهريان ئي اينڊرائيڊ صارفين لاءِ متعارف ٿي چڪا آهن، پر اڃا تائين پڪچر ان پڪچر موڊ وارو فيچر اينڊرائيڊ تي موجود نه آهي.