وزيراعظم جو خالد مقبول صديقي سان رابطو، ننڍين چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي درخواست

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽي متحده قومي موومينٽ پاڪستان کي ننڍين چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف خالد مقبول صديقي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ کيس ننڍين چوندن ۾ حصو نه وٺڻ جي درخواست ڪئي. ذريعن موجب خالد مقبول صديقي وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۽ پنجاب جي سياسي حالتن ۾ فرق آهي. هڪ فيصلو ٻنهي جڳهين تي لاڳو ٿيڻ ضروري ناهي هوندو. ايم ڪيو ايم اڳ ئي مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري چڪي آهي.ذريعن موجب خالد مقبول صديقي وزيراعظم کي رابطه ڪميٽي جي راءِ کان پوءِ فيصلي کان آگاهه ڪرڻ جو چيو. خالد مقبول صديقي وزيراعظم کي جلد رابطه ڪميٽي جو مشاورتي اجلاس گهرائڻ جو يقين ڏياريو آهي.