وفاقي سامونڊي معاملن واري وزير جنيد انور چوڌري ڪراچي جي بندرگاهن لاءِ تاريخي ٽرانس شپمينٽ مراعاتي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن جو مقصد پاڪستان کي علائقائي ٽرانس شپمينٽ حب بڻائڻ ۽ سامونڊي واپار کي هٿي وٺرائڻ آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جنيد انور چوڌري چيو ته وزيراعظم جي ويزن تحت سامونڊي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي پورٽ ۽ پورٽ قاسم جي قيادت هيٺ بندرگاهي واپار ۾ نمايان بهتري آئي آهي.هن اعلان ڪيو ته ٽرانس شپمينٽ جهازن لاءِ پورٽ هينڊلنگ چارجز ۾ 80 سيڪڙو تائين رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته ٽرانس شپمينٽ بابت اڳ جاري ڪيل سڀئي پراڻا ايس آر اوز ۽ نوٽيفڪيشن فوري طور ختم ڪيا ويندا.ان موقعي تي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ (KPT) جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) شاهد احمد چيو ته وڌيڪ ٽرانس شپمينٽ ڪارگو آڻيندڙ جهازن کي وڌيڪ مراعتون ڏنيون وينديون، جنهن سان جهازن جي ٽرن ارائونڊ ٽائيم ۾ نمايان گهٽتائي ايندي.نئين مراعاتي پيڪيج تحت ڪراچي پورٽ تي وارفيج فيسن ۾ 20 کان 80 سيڪڙو تائين رعايت ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ڪراچي پورٽ تي 14 ڏينهن ۽ ٽي پي ايڪس (TPX) ايريا ۾ 30 ڏينهن تائين مفت اسٽوريج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.ساڳئي ريت پورٽ قاسم تي وارفيج فيسن ۾ 100 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي، جڏهن ته پورٽ قاسم جي ٽرمينلز تي 7 ڏينهن مفت اسٽوريج جي سهولت هوندي، جنهن کي 21 ڏينهن تائين وڌائي سگهجي ٿو. ان کان علاوه ڪنٽينر ٽرمينلز پڻ مقابلي واري ماحول کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽرمينل هينڊلنگ چارجز ۾ 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.