اسلام آباد: مذهبي معاملن واري وفاقي وزير مولانا عبدالشڪور جي حادثي ۾ فوت ٿيڻ جي واقعي جو ڪيس هاءِ ليڪس ڊرائيور جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.سيڪريٽريٽ ٿاڻي جي پوليس جي يو آءِ اڳواڻ حاجي قدرت الله جي مدعيت ۾ ڪيس نمبر 23/117 داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس 322-9-27-427 تحت داخل ڪيو ويو آهي.حاجي قدرت الله پاران داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته مذهبي معاملن جو وزير عبدالشڪور منهنجي گهر ڊي اسٽريٽ 25 سيڪٽر جي سڪس ٽو اسلام آباد ۾ منهنجي گهر افطاري تي آيو هو ۽ افطاري کان پوءِ اٺ لڳي 22 منٽن تي مولانا منهنجي گهر مان واپس پارليامينٽ لاجز نمبر 7 جي لاءِ روانو ٿيو.مولانا پنهنجي سرڪاري گاڏي نمبر G.A.K 550 ڪرولا گرينڊي پاڻ هلائي روانو ٿيو پر ٽويوٽا هاءِ ليڪس گاڏي نمبر ARY:077 مولانا جي گاڏي کي ٽڪر هنئي. هاءِ ليڪس جي ڊرائيور غفلت، لاپرواهي ۽ تيز رفتاري سبب مولانا جي گاڏي کي ٽڪر هئي جنهن ۾ مولانا عبدالشعور ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.هن چيو ته واقعو انتهائي حساس نوعيت جو آهي جنهن جي هر پهلو کي سامهون رکندي جاچ ڪئي ويندي. حادثي ۾ مولانا عبدالشڪور جي گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي.ايس ايڇ او سيڪريٽريٽ نديم طاهر موجب پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.