وليڪا اسپتال ۾ مبينا غفلت، استعمال ٿيل سرنجن سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ وارو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حڪومتِ سنڌ جي ماتحت هلندڙ ڪلثوم بائي وليڪا اسپتال ۾ مبينا طور استعمال ٿيل سرنجن جي ٻيهر استعمال سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ واري سنگين معاملي جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موجب هن مبينا غفلت سبب 9 معصوم ٻار فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سوين ٻار ايڇ آءِ وي کان متاثر ٿي چڪا آهن.ٻڌڻي دوران متاثر ٻارن ۽ سندن وارثن جو وڏو انگ عدالت ۾ موجود هو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسپتال انتظاميا ۽ صحت کاتي جي مبينا لاپرواهي سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي پکڙيو، پر ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود نه ڪا مؤثر ڪارروائي ٿي ۽ نه ئي جاچ رپورٽ ظاهر ڪئي وئي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته فوت ٿيل ٻارن جا ايف آءِ آر به داخل نٿا ڪيا وڃن، جڏهن ته بين الاقوامي ادارا پڻ هن صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومتِ سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن اندر تفصيلي جواب طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.