وينزويلا ۾ تباهه ڪندڙ زلزلي سبب 1430 ڄڻا فوت، هزارين زخمي ۽ گم

وينزويلا ۾ ٽي ڏينهن اڳ آيل تباهه ڪندڙ زلزلي کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 1430 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3360 ماڻهو زخمي ۽ 69 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن.رپورٽن موجب فوت ٿيلن ۾ 7 چيني شهري پڻ شامل آهن. امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ لاڳيتو سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن جاري رکيو ويٺيون آهن ۽ هينئر تائين ملبي مان 3360 زخمين کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته هزارين ماڻهن جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو آهي.اختيارين موجب 40 سيڪنڊن جي وقفي سان آيل ٻن شديد زلزلن کان پوءِ هينئر تائين 430 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، جنهن سبب متاثر علائقن ۾ خوف جي صورتحال برقرار آهي ۽ ملبي هيٺ ڦاٿل ماڻهن جي زندهه بچڻ جون اميدون وقت سان گڏ گهٽجنديون پيون وڃن.زلزلي کي ٽن ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، پر سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن اڃا تائين جاري آهي. سامونڊي رياست لا گوئيرا ۾ ملبي مان ٻن عورتن کي زندهه ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته فوج سيڪيورٽي، امدادي سامان جي فراهمي ۽ بحالي جا ڪم سنڀالي ورتا آهن. متاثر علائقن ۾ فيلڊ اسپتال قائم ڪيا ويا آهن ۽ امدادي ڪاررواين ۾ مدد لاءِ سوين بين الاقوامي امدادي ڪارڪن وينزويلا پهچي چڪا آهن