يورپي يونين پاران پاڪستان جي سيلاب متاثرن لاءِ 35 ڪروڙ ڊالر امداد جو اعلان

يورپي يونين پاڪستان جي سيلاب متاثر علائقن لاءِ وڏي امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ 35 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪيا ويندا.تفصيل موجب، هي امداد سيلاب متاثر خاندانن جي فوري ضرورتن ۽ بحالي لاءِ ڏني پئي وڃي. رپورٽن مطابق، تازين موسلادار برساتن ۽ سيلاب سبب ڪيترائي ماڻهو فوت، ڪيترائي زخمي ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ملڪ ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان پڻ ٿيو آهي.يورپي يونين پنهنجي بيان ۾ متاثرن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته امداد ۾ نه صرف مالي سهڪار پر جان بچائيندڙ طبي خدمتون ۽ ٻين هنگامي ضرورتن جو بندوبست به شامل هوندو، جيڪي جلد ئي متاثر علائقن ۾ پهچايا ويندا.