ريسڪيو اهلڪارن جو چوڻ آهي ته جڙانوالا ۾ ٽرالر ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ٽرڪ ڊرائيور سميت 3 ماڻهو فوت ٿيا، لاشون اسپتال منتقل ڪري ڇڏيون ويون آهن. حادثي کان پوءِ ٽرالر ۽ ٽرڪ کائي ۾ ڪري پيا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ڪچرو کڻڻ واري ٽرڪ موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر مارڻ سبب 12 سالن جي ٻار فوت ٿي ويو ۽ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا هئا. تفصيل موجب، ڪراچي جي علائقي سمن آباد جي ويجهو ڪچرو کڻڻ واري ٽرڪ موٽر سائيڪل کي ٽڪر ماري، جنهن ۾ 12 ساله ٻار فوت ۽ 2 نوجوان زخمي ٿيا. ريسڪيو اهلڪارن موجب فوت ۽ زخمي ٽنهي نوجوانن جون عمرون 15 سالن کان گهٽ آهن. اطلاع ملڻ تي سمن آباد پوليس ۽ ايس ايڇ او ڪمران حيدر موقع تي پهتا، جن چيو ته ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي. ابتدائي تحقيق موجب ڪچرو کڻڻ وارو ٽرڪ سنڌ سولڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو آهي، پر وڌيڪ تفتیش جاري آهي. زخمي نوجوان عباسي شهيد اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سکندر گوٺ سيهم تان ٽنهي نوجوانن موٽر سائيڪل تي فيڪٽري وڃي رهيا هئا جڏهن سهراب گوٺ سمن آباد جي ويجهو ٽرڪ پويان کان ٽڪر ماري حادثو ٿيو. اهلخاني ٻڌايو ته شفيق موڙ جي ويجهو ٽنهي نوجوانن ايمبرائيڊري فيڪٽري ۾ ڪم ڪندا هئا. ڪراچي ۾ گذريل 135 ڏينهن ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ 114 شهري فوت ٿيا آهن، جن مان 24 ڊمپر جي ٽڪر سبب، 44 ٽرالر جي ٽڪر سبب، 26 واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب، 10 مني ٽڪر ۽ 10 بس جي ٽڪر سبب فوت ٿيا آهن.