ٺڪراٺو (رپورٽر) ٺڪراٺو ۾ ھڪ روزا مفت ميڊيڪل ڪئمپ 150 مريضن جو علاج ڪري دوائون فراھم ڪيون ويون خبر موجب ٺڪراٺو جي لطيفي امام بارگاھ واري علائقي شاھ جي ڪلينڪ تي ھڪ روزا مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي جنھن ۾ مشھور ڊاڪٽر ثاقب شاھ ھڏي جي سور ڪن رڳ گوڏن جي ڪمزوري ۽ پيرن جي زخمن ۾ مبتلا 150 مريضن جو چيڪ اپ ڪري مفت دوائون فراھم ڪيون ان موقعي تي سرجن ڊاڪٽر ثاقب شاھ ٻڌايو ته ضلعي سکر جي پوئتي پيل علائقي ٺڪراٺو ۾ صحت جون سھولتون ناھن ان لا۽ ھڪ روزا ميڊيڪل ڪئمپ ھڻي مختلف بيمارين ۾ مبتلا 150 مريضن جو چيڪ اپ ڪري دوائون فراھم ڪيون آھن مفت ڪئمپ جا انتظام ڊاڪٽر شمن شاھ سنڀاريا.