ٺڪراٺو (رپورٽ )ٺڪراٺو جي بند پاڙي واسي پورھيت روشن علي مھتم ڪيترن ئي مھينن کان پراسرار بيماري ۾ مبتلا ٿي بستري تي پيل آھي غربت ۽ مفلسي سبب ھو پنھنجو علاج نٿو ڪرائي سگھي جنھن سبب سندس گھرڀاتي سخت پريشان آھن انھي حوالي سان پورھيت روشن علي مھتم جي گھرڀاتين ممتاز علي ارشاد علي محراب علي مائي سڀائي ڪزبانو مھتم ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پورھيت روشن علي مھتم 6 مھينن کان وٺي بيماري جي بستري تي پيل آھي غربت ۽ مفلسي سبب سندس علاج نٿا ڪرائي سگھون سندس اولاد ۽ گھرواري به بک تي ويٺل آھي بيمار پورھيت جي وارثن سنڌ حڪومت چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته پورھيت جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس زندگي بچائي وڃي.