ٺڪراٺو: مبارڪپور واٽر سپلاء اسڪيم علائقي واسين لاء بي لاڀ جڏهن ته قبضا مافيا ۽ چورن لاء سون جي جهرڪي ثابت پبلڪ هيلٿ سکر جي لاپرواهي سبب مبارڪپور واٽر سپلاء مان لکين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪنهن به اک نه پٽي پبلڪ هيلٿ سکر سميت مقامي انتظاميا اگهور ننڊ سڄاڻ ڌرين وزير اعلي سنڌ سميت سمورن اختيار ڌڻين کي نوٽيس وٺڻ جي گهر ٻي صورت ۾ عيدالفطر کانپوء احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو چتاء ڏئي ڇڏيو
ٺڪراٺو ( رپورٽر ) ٺڪراٺو لڳ مبارڪپور شهر جي عام ماڻھن لاء زندگيء جو جياپو پيئڻ جي مٺي پاڻي لاء پندرهن سال اڳ لکين روپين جي ماليت سان جوڙايل مبارڪپور واٽر سپلاء جنهن جي مڪمل بلڊنگ بائونڊري وال سميت جوڙايل هئي پبلڪ هيلٿ سکر جي بي ڌياني سبب مبارڪپور واٽر سپلاء اسڪيم گذريل 15سالن کان مسڪين ۽ ماڻھن لاء لاڀائتي ثابت نه ٿي سگهي پر چورن لاء سون جي جهرڪي ثابت ٿي واٽرسپلاء اسڪيم مان نامعلوم ماڻهون لوھ جو مين گيٽ , تعمير ٿيل تلاء سميت چوديواري ۽ ڪمرن جون پڪيون سرون بجلي جو ٽرانسفارمر ۽ تارون چورائي ويا هتان جي سڄاڻ ۽ معزز شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مبارڪپور واٽر سپلاءاسڪيم جنهن مان سموري شهر کي مٺي پاڻي جي فراهم ڪرڻ سرڪار جي اولين ترجيح هوندي آهي پر هتي سمورو ان جي ابتڙ آهي لکين روپين جي ماليت سان ٺهيل مبارڪپور واٽر سپلاء اسڪيم کي قبضا مافيا ۽ چورن پنهنجي جاگير سمجهي لٽي ڦٽي کڻي ويا آهن جيڪا اسان جي بدقسمتي آهي هتان جي گهرن جون عورتون پري کان مٿي تي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن هتان جا ڪجھ سياسي ماڻهون جيڪي شهر جي چڱ ڀلائي ڪرڻ بجاء انهن عنصرن جي مدد ڪن پيا جيڪي هن اسڪيم جي تباهي جا ذميوار آهن ميڊيا پاران پبلڪ هيلٿ سکر جي ايس ڊي او معراج شيخ سان رابطو ڪرڻ تي ان تصديق ڪندي ٻڌايو ته واقع مٿي ڄاڻايل شيون چوري ٿيل آهن جڏهن انکان ان چوري ٿيل سامان جي ايف آء آر داخل ٿيڻ جو پڇيو ويو ته هو موبائل فون بند ڪري ويو جڏهن ته سڄاڻ ڌرين وزير اعلي سنڌ چيف انجنيئر پبلڪ هيلٿ ۽ ٻين وس وارن کي فوري طور نوٽيس وٺي ڪري اسڪم کي نقصان پهچائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جي گهر ڪئي ٻي صورت ۾ انهن چيو ته عيدالفطر کانپوء احتجاجي تحريڪ هلائيندا سين