ٺڪراٺو( رپورٽر) ٺڪراٺو ۾ سنڌي ادبي سنگت جي چونڊ نوان عھديدار چونڊيا ويا خبر موجب سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺڪراٺو جي 2023 جي چونڊ سنڌي ادبي سنگت ضلعي سکر جي رابطا سيڪريٽري فقير پريل دايو صاحب نگراني ھيٺ ٿي گذري جنھن ۾ سيڪريٽري برادي منگي ٺڪراٺوي جوائنٽ سيڪريٽري عابد جاني ملڪ خزانچي عطا سھتو آڊيٽر ارباب چاچڙ ڪائونسلر اصغر علي سمون ڪاروباري ڪاميٽي ۾ ساقي ڪريم بخش مڱڻھار، ممتاز مسيح، محمد اڪرم منگي، غلام مصطفيٰ (جي ايم) مھر ۽ شمن سڳدر دايو جن چونڊيا ويا چونڊ کانپو۽ “سنڌي ٻولي، قومي ٻولي” جي سري ھيٺ مشاعرو ٿيو جنھن ۾ شاعرن نڪور تخليقون پيش ڪري پنھنجي جيجل سنڌ امڙ جي ٻولي ۽ لولي تي خوب بحث مباحثا ڪري ڏات و ڏانءُ جا گوھر ارپيا.