ٺڪراٺي: ويجھو ڌنار نوجوان بمبلي مائينر ۾ وھنجندي ٻڏي فوت گھر ۾ ڪھرام خبر موجب ٺڪراٺو ويجھو ڌنار نوجوان بمبلي مائينر ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو ڳوٺ جيئند مھر واسي 25 ورھين جو ڌنار نوجوان عبدالرزاق پٽ مرحوم نور خان مهر بمبلي مائينر ۾ وهجندي ٻڏي فوت ٿي ويو علائقي واسين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فوتي نوجوان مال چاريندڙ هو ۽ روزانو شاخ ۾ ٻين ڌنارن سان گڏ وھنجندو ھو اڄ به هو بمبلي مائينر ۾ وھنجڻ لا۽ لٿو ته ٻڏي ويو ساٿي ڌنارن وارثن کي اھڙو اطلاع ڏنو جنھن بعد ڌنارن ۽ وارثن شاخ ۾ ڳولا ڪرڻ بعد نوجوان جو لاش ھٿ ڪيو فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.