ٻن چئن ڪردارن جو احتساب ۽ نواز شريف جي سزا جو ازالو عدليا کي پاڻ ڪرڻو پوندو: مريم نواز

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته آڊيو ليڪ کانپوءِ عدليا کي ٻن چئن ڪردارن جو احتساب ۽ نواز شريف جي سزا جو ازالو به پاڻ ڪرڻو پوندو.لاهور ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي مريم نواز چيو ته ڪو به ادارو عمران خان جي حمايت نه پيو ڪري، جڏهن ته هڪ اداري ۾ موجود فيض جي باقيات سندس مدد ڪري رهي آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ معيشت جو ٻيڙو ٻوڙيو، اسان نئين سر معيشت بحالي جو ڪم ڪري رهيا آهيون، عمران خان ڪوئي وانگر ٻِر ۾ لڪيو ويٺو آهي ۽ ٻاهر نٿو نڪري ۽ عدالتن ۾ پيش به نٿو ٿئي، پر هاڻي ٽيريان هجي يا فارين فنڊنگ ڪيس، عمران خان بچي نه سگهندو، جيتري سهولت عمران خان کي عدليا طرفان ملي اوتري ڪنهن کي به ناهي ملي.هن چيو ته گريٽ گيم ناهي رهي هاڻي سمورا ڪردار قوم آڏو اچي چڪا آهن، عدليا کي ياد ڏيارڻ ٿي چاهيان ته احتساب سان ادارا ڪمزور نه مضبوط ٿيندا آهن، هڪ يا ٻه ڪردار جنهن سان عدليا تي آڱريون کڄن ٿيون انهن جو احتساب ۽ روڪٿام عدليا کي پاڻ ڪرڻي پوندي.هن چيو ته هاڻي نواز شريف جي سزا جو ازالو عدليا کي پاڻ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اِهي داغ صاف نه ڪيا ويا ته مستقبل جو رستو ڏکيو ٿي ويندو.مريم نواز چيو ته نواز شريف جلد ڏيهه واپس ورندو ۽ باعزت بري ٿيندو ڇاڪاڻ ته فيصلا ڏيڻ وارا هاڻي پاڻ ڳالهائي رهيا آهن ته مٿن دٻاءُ هو، انصاف جي معيار جون گهرجون پوريون نه ڪيون وينديون ته مسئلا پيدا ٿيندا.هن چيو ته نواز شريف جي پري وڃڻ سان ن ليگ ڏکيائين جو شڪار ٿي، پارٽيءَ کي احساس ٿيو ته نوازشريف پارٽيءَ لاءِ ڪيترو ضروري آهي.ن ليگ جي چيف آرگنائيزر هڪ ڀيرو وري چيو ته حڪومتي ذميواري منهنجي ناهي، مون وٽ نه پهريان ڪو حڪومتي عهدو نه هاڻي آهي پر دعاگو آهيان ته حڪومت ڏينهن رات محنت ڪري.هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو وارو بيانيو ن ليگ سميت سمورين سياسي جماعتن جو هئڻ گهرجي، اسان جو بيانيو ووٽ کي عزت ڏيو آهي ۽ هو چون ٿا اسان کي حڪومت ڏيو.هن چيو ته ادارن پاڻ کي آئين تائين محدود ڪري ڇڏيو ته مان ڇو انهن سان جهيڙو ڪنديس هن وقت ملڪ کي مفاهمت جي وڌيڪ ضرورت آهي.هن وڌيڪ چيو ته اسان جيڪي نيب قانون ۾ ترميمون ڪيون اِهي عمران خان جي ڪم اچي رهيون آهن، احتساب وارن ادارن مان مسئلو ناهي پر ان جو غلط استعمال مسئلو آهي.