آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل تازي ڇڪتاڻ بابت ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ روڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جنهن سان ڪروڙين ماڻهن جون حياتيون بچي ويون.ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم پڻ ساڻس ڳالهه ٻولهه دوران اعتراف ڪيو ته جنگ روڪجڻ سبب ڪروڙين ماڻهن جون زندگيون محفوظ ٿيون. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل فضائي جهڙپن دوران 11 جهاز ڪيرايا ويا هئا.مشرقِ وسطىٰ ۽ ايران جي صورتحال بابت ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته ايران سخت معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اتي مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي. هن اهو به دعويٰ ڪيو ته تازو ايران جو هڪ نئون ريڊار سسٽم تباهه ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ايران وٽ ڪو به فعال ريڊار سسٽم موجود ناهي.صدر ٽرمپ پنهنجي خطاب دوران مشهور واپاري شخصيت ايلون مسڪ جو به ذڪر ڪندي چيو ته هن کيس دنيا جو پهريون “ٽرلينيئر” بڻجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.هن وڌيڪ چيو ته هو آمريڪا جو واحد صدر آهي، جنهن پنهنجي صدارتي پگهار وٺڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کي هن وڏي مالي قرباني قرار ڏنو.
بهرحال، صدر ٽرمپ جي انهن دعوائن جي آزاد ذريعن کان مڪمل تصديق سامهون ناهي آئي.