ٽرمپ جي بيان تي آرمينيا ۾ ايراني سفارتخاني جو سخت ردِعمل

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي آيت الله خامنه اي جي جنازي بابت بيان تي آرمينيا ۾ ايران جي سفارتخاني سخت ردِعمل ظاهر ڪندي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي بيان جاري ڪيو آهي.سفارتخاني ٽرمپ جي ان بيان کي رد ڪيو، جنهن ۾ هن چيو هو ته آيت الله خامنه اي جي جنازي ۾ ايراني ماڻهن کي روئيندي ڏسي کيس حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته ماڻهو ساڻس نفرت ڪندا هئا يا اهي ڳوڙها بناوٽي به ٿي سگهن ٿا.ايراني سفارتخاني پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته “ماڻهن کي قتل ڪري سگهجي ٿو، پر نظرين کي نه.” وڌيڪ چيو ويو ته آيت الله خامنه اي کي قتل ڪرڻ خوشبوءَ جي شيشي ٽوڙڻ جهڙو آهي، جنهن جي مهڪ هر طرف پکڙجي وڃي ٿي. سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ صدر ٽرمپ کي مخاطب ڪندي سخت لفظ پڻ استعمال ڪيا.