ٽرمپ کي خدشو، ڊيموڪريٽس اقتدار ۾ اچي فلي بسٽر ختم ڪري ڇڏيندا

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خدشو ظاهر ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ٻيهر اقتدار ۾ آيا ته هو آمريڪي سينيٽ ۾ قانونسازي جي روايتي طريقيڪار فلي بسٽر کي ختم ڪري ڇڏيندا.ٽرمپ ماضي ۾ به فلي بسٽر ختم ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا حمايت ڪئي، پر هو ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا، ڇو ته سندن پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جا ڪيترائي سينيٽر به ان قدم جا مخالف رهيا.
فلي بسٽر ختم ٿيڻ جي صورت ۾ سينيٽ ۾ ڪنهن به بل جي منظوري لاءِ 60 ووٽن بدران رڳو سادي اڪثريت گهربل هوندي، جنهن سان قانونسازي جو عمل وڌيڪ آسان ٿي ويندو.ونلڊ ٽرمپ ريپبلڪن اڳواڻن کي خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڊيموڪريٽس اقتدار ۾ آيا ته هو چونڊن ۽ قانوني نظام ۾ اهڙيون وڏيون تبديليون آڻيندا، جن سان مستقبل ۾ ريپبلڪن پارٽي لاءِ چونڊون کٽڻ ڏکيو ٿي ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته هو پوءِ چوندا ته هن اڳواٽ ئي ان بابت خبردار ڪيو هو۔