ٽيڪس چورن جي مددگار آفيسرن ۽ اهلڪارن جو به سخت احتساب ڪيو وڃي: وزيراعظم جي هدايت

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس چورن جي مدد ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو به سخت احتساب ڪيو وڃي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) جي ٽيڪس کي وڌائڻ ۽ آمدني ۾ اضافي تي اجلاس ڪوٺايو ويو. اجلاس ۾ وزيراعظم آمدني جي حدفن طرف تيزي سان گامزن ٿيڻ تي حڪومتي معاشي ٽيم جي تعريف ڪئي. شهباز شريف هدايت ڪئي ته استعداد رکندڙ ماڻهن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ۽ ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن ۽ شعبن خلاف ڀرپور ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته ٽيڪس چورن جي مدد ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو به سخت احتساب ڪيو وڃي ۽ ٽيڪس چوري کي روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو حڪومت جي اولين ترجيح آهي. ٽيڪس جي شرح کي گهٽ ڪري عام ماڻهو تي بار کي گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا. سيمنٽ ۽ ٻين شعبن ۾ ڊجيٽل مانيٽرنگ کي هلندڙ سال جون تائين مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته تمباڪو جي شعبي ۾ ٽيڪس آمدني کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ صوبن سان گڏجي قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس بابت التوا هيٺ ڪيسز جي موثر انداز سان پيروي ڪري قوم جي پئسي کي حاصل ڪرڻ يقيني بنايو وڃي. الله جي فضل وڪرم سان ملڪي معيشت مستحڪم ۽ ترقي طرف گامزن آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ سڀني کي پنهنجي ذميواري نڀائڻي پوندي.