پارليامينٽ مان منظور ٿيل عدالتي سُڌارن وارو بل سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد: پارليامينٽ مان منظور ٿيل سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ايڊووڪيٽ محمد شافع منير درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي ڌُر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايڪٽ کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي.ٻئي طرف وڪيل سعيد آفتاب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بنيادي مطالبو صرف آرٽيڪل 184 جي تحت فيصلن جي خلاف اپيل جي حق جو هو. اپيل جو حق چيف جسٽس جي اختيارن ۾ گهٽتائي آڻڻ کان سواءِ ڏئي سگهجي ٿو. هاءِ ڪورٽ جيان انٽراڪورٽ اپيل جو حق ڏئي سگهجي ٿو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار رڳو عدالت وٽ آهي ان حوالي سان ٿيل قانونسازي بدنيتي تي ٻڌل آهي. آئين جي آرٽيڪل 70 تحت ايڪٽ آف پارليامينٽ وسيلي سپريم ڪورٽ جي اختيارن کي محدود نٿو ڪري سگهجي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پارليامينٽ مان عدالتي سُڌارن وارو بل منظور ڪيو ويو هو.