ڪراچي (ADN سنڌي): پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج (PSX) ۾ اڄ ڪاروباري هفتي دوران شاندار تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي 100-انڊيڪس نوان رڪارڊ قائم ڪندي تاريخي حدن کي ڇهي ورتو آهي. مالياتي ماهرن موجب اي سي او سمٽ ۽ علائقائي واپاري معاهدن بعد مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن وڏي پئماني تي شيئرز خريد ڪيا، جنهن سبب ڪاروبار جو اختتام مثبت حدن ۾ ٿيو.