لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جيل ڀريو تحريڪ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي جاري ڪيل شيڊول موجب 22 فيبروري کان پهرين مارچ تائين روزاني 200 ڪارڪن رضاڪارانه طور تي گرفتاريون ڏيندا. ڪارڪنن سان گڏ اڳوڻن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو 6 رڪني گروپ به گرفتاري ڏيندو. جڏهن ته گرفتاريون نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪارڪن ۽ ميمبر اسيمبلي جي مقرر ڪيل هنڌ تي ڌرڻو هڻندا.جاري ڪيل شيڊول موجب 22 فيبروري تي شاهراهه قائداعظم لاهور تي گرفتاريون پيش ڪيون وينديون. 23 فيبروري تي پشاور، 24 تي راولپنڊي، 25 ملتان، 26 فيبروري تي گوجرانوالا جا ڪارڪن گرفتاريون ڏيندا. 27 فيبروري تي سرگودها، 28 فيبروري تي ساهيوال ۽ پهرين مارچ تي فيصل آباد ۾ رضاڪارانه گرفتاريون ڏنيون وينديون.22 فيبروري تي لاهور ۾ ڏنل رضاڪارانه گرفتاري جي لاءِ ڪارڪنن جي فهرست تيار ڪئي ويندي. لاهور ۾ پنجاب جو اڳوڻو گورنر عمر سرفراز چيمه اسيمبلي ميمبرن جي گروپ سان گڏ گرفتاري پيش ڪندو.لاهور سان تعلق رکندڙ اڳوڻن صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي نالن تي صلاح مشورا جاري آهن. رضاڪارانه گرفتاري پيش ڪندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي نالن جي حتمي منظوري عمران خان ڏيندو.ياد رهي ته 15 فيبروري تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لاهور مان جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.