پاڪستان جو ايٿوپيا ۽ آفريڪا جي انفلوئنسرز لاءِ مفت سياحتي پيڪيجز جو اعلان

پاڪستان حڪومت ايٿوپيا ۽ آفريڪا جي انفلوئنسرز لاءِ مفت سياحتي پيڪيجز فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو مقصد عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ آهي.

وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سياحت بابت خاص معاون سردار ياسر الياس چيو ته پاڪستاني ڪنٽينٽ ڪريئيٽرز جلد ايٿوپيا جو دورو ڪندا، جڏهن ته ايٿوپيا ۽ آفريڪا جي انفلوئنسرز کي پاڪستان جا مفت سياحتي پيڪيجز فراهم ڪيا ويندا، جن جا سمورا خرچ پاڪستان حڪومت برداشت ڪندي.هن چيو ته دنيا ۾ پاڪستان جو تاثر بهتر بڻائڻ حڪومت جي اهم ترجيح آهي، جڏهن ته پنجاب حڪومت به سياحت جي فروغ لاءِ اهم قدم کڻي رهي آهي.اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني پاران منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سردار ياسر الياس چيو ته ايٿوپين ايئر لائنز پاڪستان ۽ آفريڪا وچ ۾ هوائي رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايندڙ مهيني بين المذاهب هم آهنگي بابت هڪ وڏي تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي، جڏهن ته سياحت ذريعي واپار کي هٿي ڏيڻ تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.