پاڪستان جو 79 هون آزاديءَ جو ڏهاڙو اڄ سڄي ملڪ ۾ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي. شهرن، ڳوٺن ۽ پاڙن ۾ قومي جهنڊا لڳايا ويا آهن، جڏهن ته قومي گيتن سان فضا گونجي رهي آهي.آزاديءَ جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ جي مختلف مسجدن ۾ قرآن خواني ڪئي وئي ۽ نماز فجر کانپوءِ پاڪستان جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ خاص دعائون گهريون ويون.اسلام آباد ۾ 31 توپن جي سلامي ڏني وئي، جڏهن ته صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ان موقعي تي پاڪ فوج جي جوانن نعرهءِ تڪبير بلند ڪيا.راچي ۾ باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. مختلف سرڪاري شخصيتن مزار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ملڪ جي مختلف شهرن ۾ سرڪاري ۽ خانگي ادارن، اسڪولن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرز تي جهنڊو ڦڙڪائڻ جون تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. مختلف هنڌن تي آزادي ريليون ۽ ٻيون تقريبون پڻ جاري آهن.رات 12 وڳي آزاديءَ جي جشن جي شروعات سان ڪيترن ئي شهرن ۾ آتشبازي ڪئي وئي ۽ ”پاڪستان زنده باد“ جا نعرا بلند ڪيا ويا. سرڪاري ۽ خانگي عمارتن، بازارن ۽ پاڙن کي قومي جهنڊن، جهنڊين ۽ رنگ برنگي روشنين سان سينگاريو ويو آهي.تقريبن دوران مقررن تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ۽ شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سڄي قوم کي متحد ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.