پاڪستان دنيا جي ٽين وڏي ڪرپٽو مارڪيٽ بڻجي ويو، 4 ڪروڙ پاڪستانين جا ڪرپٽو اڪائونٽس آهن: بلال بن ثاقب

اسلام آباد: پاڪستان دنيا جي ٽين وڏي ڪرپٽو ڪرنسي مارڪيٽ بڻجي ويو آهي، جتي لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ پاڪستاني شهرين جا ڪرپٽو اڪائونٽس موجود آهن. اهڙو انڪشاف ڪرپٽو ڪرنسي جي ماهر بلال بن ثاقب ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڊيجيٽل ڪرنسي جو رجحان تيزي سان وڌي رهيو آهي، جنهن کي قانوني دائري ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

بلال بن ثاقب وڌيڪ تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستاني شهرين کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ ئي لاڳاپيل اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪرپٽو مارڪيٽ مان حاصل ٿيندڙ منافعي تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان ملڪي معيشت کي وڏو فائدو پهچندو ۽ غير قانوني سرمائيڪاري جي روڪٿام پڻ ممڪن ٿي سگهندي، جنهن سان ملڪي خزاني کي فائدو ٿيندو.

حڪومتي قدمن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ايندڙ 5 سيپٽمبر کانپوءِ ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين غير قانوني ڊيجيٽل ڪمپنين ۽ پليٽ فارمن خلاف سخت قانوني ڪارروائي شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته غير رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين کي ڪنهن به صورت ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ته جيئن شهرين کي مالي نقصان ۽ فراڊ کان بچائي سگهجي.