اسلام آباد (نمائندو رپورٽ): سطين جو قاضي القضاته (چيف جسٽس) ڊاڪٽر محمود صدقي عبدالرحمان الهباس جي سربراهي ۾ هڪ اهم چار رڪني فلسطيني وفد وفاقي وزير برائے مذهبي معاملت سردار محمد يوسف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ امام مسجد اقصيٰ ۽ امام مسجد ابراهيمي پڻ شامل هئا. فلسطيني وفد جي همدردي فلسطيني وفد پاڪستان ۾ حاليه ٻوڏ سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ متاثرن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير جو موقف وفاقي وزير سردار محمد يوسف ملاقات دوران چيو: “فلسطيني عوام جي حمايت ڪنهن به نسل، عقيدي يا ثقافت کان مٿانهون ٿي هڪ انساني ۽ اخلاقي فرض آهي.” هن غزه ۾ اسرائيلي فوج جي هٿان قتل عام ۽ مقدس هنڌن جي پاماليءَ جي سخت مذمت ڪندي واضع ڪيو ته پاڪستان هر حال ۾ فلسطين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي غزه جي معصوم عوام لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو پيو وڃي. فلسطيني وفد جي تعريف قاضي القضاته فلسطين ڊاڪٽر محمود الهباس پاڪستان جي مستقل حمايت تي ٿورائتو ٿيندي چيو ته: “غزه ۾ جاري ظلمن خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ تي اسان پاڪستان جا ٿورائتا آهيون. هاڻ اهو وقت ويجهو آهي، جڏهن عالم اسلام جا اڳواڻ مسجد اقصيٰ ۾ گڏ ٿي شڪراني جا نفل ادا ڪندا.” ملاقات دوران ٻنهي ڌرين گڏيل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي به اتفاق ڪيو.