پاڪستان: ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندو يا نه؟ وزيراعظم شهباز شريف هاءِ پروفائل ڪميٽي جوڙي ڇڏي

لاهور: ڀارت ۾ شيڊول آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023 ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت بابت هاءِ پروفائيل ڪميٽي جوڙي وئي آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف ورلڊ ڪپ 2023 ۾ پاڪستاني ٽيم جي ميگا ايونٽ ۾ شرڪت بابت حتمي فيصلو ڪرڻ لاءِ هاءِ پروفائيل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جو سربراهه پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله، اعظم تارڙ، احسان مزاري، مريم اورنگزيب، اسد محمود، امين الحق، قمرالزمان ڪائره، طارق فاطمي شامل آهن.ذريعن موجب ڪميٽي ڀارت ۾ ورلڊڪپ بابت سمورن معاملن تي سفارشون جوڙيندي. جڏهن ته ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته حتمي سفارشون منظوري لاءِ وزيراعظم ڏانهن اماڻيون وينديون جنهن کان پوءِ قومي ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان فيصلو سامهون ايندو.پي سي به قومي ٽيم جي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت حڪومتي اجازت سان جوڙي ڇڏي آهي.ياد رهي ته ميگاايونٽ جي شروعات 5 آڪٽوبر کان شروع ٿيندي. پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي سفر جو پهريون ميچ 6 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ ڪواليفارون خلاف کيڏندو.