پاڪستان پاران ڀارتي اڏامن لاءِ ملڪي هوائي حدن جي بندش ۾ واڌ: نئون ناٽم (NOTAM) جاري

اسلام آباد (خاص نمائندو): پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي (CAA) پاران ڀارت مان ايندڙ ۽ ويندڙ ڪمرشل جهازن لاءِ پاڪستاني هوائي حدن (Airspace) جي استعمال تي لڳل پابندي ۾ واڌ جو نئون ناٽم (NOTAM) جاري ڪيو ويو آهي.

ايوي ايشن اختيارين موجب سيڪيورٽي ۽ خطي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ايئرلائنز کي پاڪستاني فضا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. هوائي حدن جي بندش سبب ڀارتي ايئرلائنز کي يورپ، وچ اوڀر ۽ آمريڪا ڏانهن ويندڙ اڏامن لاءِ متبادل ڊگها رستا اختيار ڪرڻا پئجي رهيا آهن، جنهن ڪري کين هر مهيني ڪروڙين روپين جو اضافي ٻارڻ خرچ ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين حڪمت عملي تحت هوائي حدن جي حفاظت لاءِ چڪاس وڌيڪ سخت ڪئي وئي آهي ۽ پابندي جو جائزو ايندڙ مهيني ورتو ويندو.