لزبن ۾ ٿيل اجلاس دوران پاڪستان هڪ اهم عالمي اعزاز حاصل ڪندي پهريون ڀيرو اقوام متحده جي ذيلي اداري انٽرنيشنل زيتون ڪائونسل جو مستقل ميمبر بڻجي ويو.اجلاس ۾ وفاقي وزير قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق رانا تنوير حسين پاڪستاني وفد جي اڳواڻي ڪئي، جڏهن ته پرتگال ۾ پاڪستان جي سفير عائشه فاروقي پڻ ساڻس گڏ موجود هئي.مستقل رڪنيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان پهريون ڀيرو زيتون پيدا ڪندڙ 27 ملڪن سان گڏ آءِ او سي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جتي ميمبر ملڪن پاڪستان جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو.پنهنجي خطاب ۾ رانا تنوير حسين آءِ او سي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته پاڪستان ڪائونسل سان مڪمل سهڪار جاري رکندو. هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ زيتون جي شعبي ۾ نمايان ترقي ٿي آهي.وفاقي وزير موجب سڄي ملڪ ۾ 55 هزار 500 ايڪڙ ايراضيءَ تي 70 لک کان وڌيڪ زيتون جا وڻ پوکيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ 51 جديد اوليو آئل ايڪسٽريڪشن يونٽس ۽ 4 معياري ليبارٽريون به فعال آهن، جڏهن ته گذريل سال پاڪستاني زيتون جي تيل نيويارڪ جي عالمي مقابلي ۾ سلور ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو.