پاڪستان ۽ لبنان وچ ۾ دفاعي سهڪار ۽ فوجي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ لبنان دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ پيشاوراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔آءِ ايس پي آر موجب لبنان جي هٿياربند فوجن جي سربراهه جنرل روڊولف هائڪل جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي مهمان فوجي سربراهه جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو۔ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ دفاعي سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت تربيت، ادارياتي لاڳاپن ۽ پيشاوراڻن رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ فوجي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيوفيلڊ مارشل سيد عاصم منير لبنان سان پراڻن دوستاڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان آرمي دفاعي تعاون جي واڌاري لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي۔ جڏهن ته جنرل روڊولف هائڪل پاڪ فوج جي پيشاوراڻين صلاحيتن کي ساراهيندي علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ ان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي۔آءِ ايس پي آر موجب لبناني آرمي چيف جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دفاعي لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪو دفاعي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عڪاسي ڪري ٿو۔