اسلام آباد: وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ هيپاٽائٽس ڊيلٽا وائرس جي جديد علاج جي فراهمي لاءِ اهم ڪاروباري (B2B) معاهدي تي صحيحون ٿي ويون آهن، جنهن سان پاڪستان ۾ جديد دوا جي جلد دستيابي جي راهه هموار ٿي وئي آهي.اسلام آباد ۾ چيني ڪمپني “هواهوئي هيلٿ” جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر بِن چن سان ملاقات دوران وزير صحت چيو ته هي معاهدو ملڪ ۾ جديد علاج جي مقامي سطح تي فراهمي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته اندازن موجب پاڪستان ۾ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو هيپاٽائٽس ڊيلٽا وائرس کان متاثر ٿي سگهن ٿا، ۽ هن معاهدي سان مريضن کي جديد ۽ اثرائتي علاج تائين بهتر رسائي حاصل ٿيندي.وزير صحت موجب ڊريپ دوا جي منظوري بابت سڀ قانوني ۽ ريگيوليٽري مرحلا ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪري رهي آهي، جيئن دوا جلد کان جلد مريضن لاءِ دستياب بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته دوا جي فيز ٽو ڪلينڪل اسٽڊي ۾ ان جي حفاظت ۽ اثرائتي هجڻ جا مثبت نتيجا پڻ سامهون اچي چڪا آهن.