پاڪستان 24 سالن کانپوءِ بين الاقوامي فٽبال ٽائيٽل کٽي ورتو

پاڪستان فٽبال ٽيم 24 سالن کانپوءِ چار ملڪي ڊائمنڊ جوبلي انٽرنيشنل فٽبال ٽورنامينٽ کٽي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي۔مالديپ ۾ ٿيل ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان افغانستان کي صفر جي مقابلي ۾ ٻه گولن تان شڪست ڏئي بين الاقوامي ايونٽ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو۔ قومي ٽيم جي طرفان پهريون گول شايق دوست ميچ جي 24هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو، جنهن سان پاڪستان کي برتري حاصل ٿي وئي۔ميچ جي آخري لمحن ۾ پاڪستان هڪ وڌيڪ گول ڪري افغانستان جي واپسي جون سڀ اميدون ختم ڪري ڇڏيون ۽ شاندار فتح ماڻي ورتي۔قومي فٽبال ٽيم سڄي ٽورنامينٽ دوران بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ناقابلِ شڪست رهڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو۔ گروپ مرحلي ۾ پاڪستان ميزبان مالديپ ۽ افغانستان کي شڪست ڏني، جڏهن ته بنگلاديش خلاف ميچ برابر رهيو۔