پاڪستان: جي رانديگر حمزه خان ورلڊ جونيئر اسڪواش چيمپين شپ کٽي تاريخ لکي ڇڏي. آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ جاري چيمپين شپ جي فائنل ۾ حمزه خان مصر جي محمد ذڪريا کي 3-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي. 37 سالن کان پوءِ پاڪستاني رانديگر ورلڊ جونيئر کٽڻ ۾ ڪامياب ٿيو.حمزه کان اڳ 1986 ۾ جان شير خان اهو ٽائيٽل کٽيو هو. ان کان اڳ سيمي فائنل ۾ حمزه خان فرانس جي ميلول سياني مينيڪو کي 3-2 تان شڪست ڏني. حمزه ۽ فرانسيسي رانديگر وچ ۾ ميچ 81 منٽن تائين جاري رهيو هو.حمزه خان آرمي ڪوچ آصف خان جي نگراني ۾ 2 مهينن تائين ٽريننگ ڪرڻ کان پوءِ آسٽريليا ويو هو جڏهن ته چيمپين بنجڻ تي پاڪستان اسڪواش فيڊريشن حمزه خان کي مبارڪباد ڏني. ملڪ واپسي تي سندس شاندار استقبال جون تياريون پڻ ڪيون ويون آهن.