پاڪپتن: پنجاب جي ضلعي پاڪپتن جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ عورتن جي وچ ۾ تلخ ڪلامي کان پوءِ هڪ عورت کي مبينا طور اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس وار ڪٽي ڇڏيا ويا.رپورٽن موجب متاثر عورت ساجده بي بي کي جوابدار پنهنجي گهر وٺي ويا، جتي کيس رسين سان ٻڌي مبينا تشدد ڪيو ويو. واقعي دوران سندس چوٽي پڻ ڪٽي وئي.متاثر عورت جي مڙس صدر پوليس ٿاڻي ۾ جوابدارن خلاف درخواست داخل ڪرائي قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. شڪايت موجب واقعي کي هڪ ڏينهن گذرڻ باوجود به ڪنهن به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي.متاثر عورت ۽ سندس گهرڀاتين پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ آءِ جي پنجاب پوليس کان واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.