پتوڪي (رپورٽ) – پنجاب ۾ جاري شديد مينهن ۽ ٻوڏ سبب اسسٽنٽ ڪميشنر پتوڪي فرقان احمد دل جو دورو اچڻ سبب فوت ٿي ويا. پي ڊي ايم اي پنجاب موجب فرقان احمد راوي درياءَ جي هيڊ بلوڪي علائقي ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جو جائزو وٺڻ لاءِ ويا هئا ته انهي دوران انهن کي دل جو دورو آيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويا. پي ڊي ايم اي جي ترجمان ٻڌايو ته مرحوم جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پنجاب جي ٽنهي وڏن دريائن ۾ هن وقت شديد ٻوڏ جي صورتحال آهي، ۽ هاڻي تائين مختلف حادثن ۾ 33 ماڻهو فوت ۽ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چڪا آهن.