پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري جي پهرين مستقل وائيس چانسلر مقرر

ڪراچي: پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ ڊزائن اينڊ هيريٽيجز ڄامشوري جي پهرين مستقل وائيس چانسلر مقرر.جڏهن ته هوءَ مهراڻ يونيورسٽي جي مسٽڊ شعبي جي ڊائريڪٽر رهي چڪي آهي.هن انجنيئرنگ جي ڊگري مهراڻ يونيورسٽي ڄامشوري مان حاصل ڪئي.جڏهن ته ايم ايس سي برطانيا جي يونيورسٽي آف سسيڪس، پي ايڇ ڊي ناٽنگهم يونيورسٽي برطانيا ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ آمريڪا جي يونيورسٽي آف يوٽا مان حاصل ڪئي آهي. تحقيق ۽ انتظامي معاملن ۾ کيس تمام گهڻو تجربو رهيو آهي.