پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس تي سپريم ڪورٽ جي ججن جو اجلاس

اسلام آباد: پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويزالاهي جي مبينا آڊيو ليڪس واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي ججن جي غير رسمي اجلاس ۾ ڪو واضح جواب سامهون نه اچي سگهيو.ذريعن موجب پرويز الاهي جي آڊيو ليڪس واري معاملي تي گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي ججن جو غيررسمي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ جج کانسواءِ سمورا جج شريڪ ٿيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پرويز الاهي جي مبينا آڊيو واري معاملي بابت سوال ڪيا ويا ، پر هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ مبينا آڊيو ليڪس واري معاملي تي ڪو به واضح جواب سامهون نه اچي سگهيو.