پريالوءِ: سنڌو درياءَ مان 6 نون غير قانوني ڪينالن خلاف پريس ڪلب پريالوءِ جي قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاهرو

پريالوءِ: پريس ڪلب پريالوءِ جي صحافين صوبل اوڍو ، عبدالجبار ميراڻي، ثناءﷲ بلوچ، ظفر بلوچ، محمد انور ناريجو، محمد عمر ڀٽو ، مشتاق احمد سولنگي ، عمران علي اوڍو ۽ ٻين صحافين سنڌو درياءَ مان 6 نوان غير قانوني ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري دوران صحافين سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ تي پاڻي چوري روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. احتجاج دوران صحافين سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ٿيندڙ حراسمينٽ ۽ تشدد جي پڻ مذمت ڪئي. سندن چوڻ هو ته شاگردن تي تشدد ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي، جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪينالن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، پاڻي جي چوري بند ڪئي وڃي ۽ شاگردن تي ٿيندڙ ناانصافين جو نوٽيس ورتو وڃي. احتجاجي مظاهري دوران صحافين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا پورا نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.