پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد شاهلڌاڻي اسٽاپ تي پوليس چوڪي سامهون ٺهيل مسافر خاني جي ڇت ۾ لڳل ٽيئر ۽ گاڊر نامعلوم چور پٽي کڻي ويا . علائقي واسين پاران مسافرخاني جي ڇت مان لوهه پٽيل ڏسي حد جي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس نه پهتي جنهن تي علائقي واسين پوليس خلاف سخت ڪاوڙ جو اظهارڪندي قلم ڌڻين کي ٻڌايوته شاهلڌاڻي بس اسٽاپ تي پوليس چوڪي سامهون ٺهيل مسافرخاني جي ڇت ڀڃي ڇت ۾ لڳل لوهه چوري ڪري ويا آهن . هنن چيوته پوليس جي نااهلي ڪري ڏوهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي هنن ايس ايس پي خيرپورکان مطالبو ڪندي چيوته نوٽس وٺي پوليس پڪٽ تي مقرر ٿيل اهلڪارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مسافرخاني مان ٿيل چوري واپس ڪرائي امن بحال ڪرايو وڃي