پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي جي سکر سيشن ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست

ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون سيڪٽر 10 ايل جا رهواسي 22 سالن جو محمد يامين خان ۽ 30 سالن جي ماهجين ٻه ڏينهن اڳ جسٽس آفپيس سکر جي اجازت سان پسند جي شادي ڪئي آهي۔ شادي کان پوءِ جوڙي ممڪن خطرن سبب سکر سيشن ڪورٽ ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي۔درخواست وڪيل ڪليم الله ڪوسو ۽ صدام بليڊي معرفت جمع ڪرائي وئي آهي۔ درخواست ۾ عورت ماهجين ڄاڻايو آهي ته سندس اڳ ۾ ڪمراڻ نالي شخص سان شادي ٿي هئي، جنهن مان سندس ٽي پٽ ۽ هڪ ڌيءَ آهي۔ ماهجين موجب سندس اڳوڻي مڙس 26 سيپٽمبر 2025 تي کيس طلاق ڏئي ڇڏي هئي۔درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پسند جي شادي ڪرڻ تي اڳوڻو مڙس ڪمراڻ ۽ والد عبدالرشيد کيس ۽ سندس مڙس کي هراسان ڪري رهيا آهن، جنهن سبب جوڙو خوف ۾ مبتلا ٿي دربدري جي زندگي گذاري رهيو آهي۔تحفظ واري درخواست ۾ ايس ايس پي سکر ايس ايچ او اورنگي ٽائون ڪراچي، ايس ايچ او نئون پنڊ سکر، ايس ايچ او سائيٽ ڪراچي سميت ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ڌر بڻايو ويو آهي۔ عدالت کان استدعا ڪئي وئي آهي ته جوڙي کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔