پنجاب جو گورنر سليم حيدر ٻوڏ متاثرن سان ملاقات، 9 ڇوڪرين جي شادي جو خرچ کڻڻ جو اعلان

پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر ٿهيم پارڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ٿيل فيملي سان ملاقات لاءِ پهتو، جتي هن متاثر خاندانن جي 9 ڇوڪرين جي شادي جو خرچ کڻڻ جو اعلان ڪيو۔ ملاقات دوران متاثر رهواسين گورنر کي پنهنجا ٻڏل گهر ڏيکاريا ۽ شڪايت ڪئي ته سندن مدد لاءِ اڃا تائين ڪير به ناهي پهتو۔ سندن چوڻ هو ته نه خيما مليا، نه کاڌ خوراڪ ۽ نه ئي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن، جڏهن⁠ته پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻوڏ جي پاڻي مان زندگيون بچايون آهن۔گورنر جو متاثرن لاءِ امدادي اعلانگورنر سليم حيدر چيو ته روزاني جي بنياد تي متاثر خاندانن کي 3 وقتن جو کاڌو فراهم ڪيو ويندو۔ ان سان گڏ ريڊ ڪريسنٽ جي تعاون سان ميڊيڪل ڪيمپس لڳايا ويندا ۽ ٿهيم پارڪ هائوسنگ سوسائٽي ۾ خيما لڳايا ويندا۔ قومي اسيمبلي اسپيڪر جو ردعمل ٻئي پاسي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباھين تي افسوس جو اظهار ڪيو۔ هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي ڪندي پاڪ فوج، وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي فوري ريسڪيو ۽ رليف آپريشن تي خراج تحسين پيش ڪيو۔ اياز صادق جو چوڻ هو ته مشڪل وقت ۾ ٻوڏ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين۔ هن چيو ته پنجاب جي وزيراعليٰ جي متاثر علائقن ۾ موجودگي متاثر ماڻهن لاءِ حوصلي جو سبب آهي، جڏهن⁠ته مريم نواز جي متاثر علائقن ۾ ڪم جي مانيٽرنگ جي حڪمت عملي تعريف جوڳي آهي۔