اسلام آباد: پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ حڪومتي اتحاد(پي ڊي ايم) جسٽس اعجازالحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي تي اعتراض واري ڇڏيا.چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته بينچ جي جوڙجڪ تي اسان کي ٻن ججز تي اعتراض آهي جنهن کي بينچ ۾ نه ويهڻ گهرجي.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ گڏ ٿيڻ جو مقصد هو ته سڀني کي خبر هوندي مختلف ڌرين جي وڪيلن کي عدالت ۾ ڏسي خوشي ٿي. پيپلز پارٽي جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اسان کي ڪوبه نوٽيس ته ناهي مليو. درخواست آهي ته سڀني کي نوٽيس جاري ڪيا وڃن. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اڄ پهريان سڀني جي حاضري لڳائينداسين ۽ سومر تي سڀني کي ٻڌنداسين. چئن صوبائي وڪيلن جي نمائندگي عدالت ۾ موجود آهي.فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي جي بينچ ۾شامل ٿيڻ تي اعتراض آهي. ان ڪري احترام سان ججز جي بينچ ۾ شامل ٿيڻ تي اعتراض ڪري رهيو آهيان ۽ اعتراض ڪرڻ جو فيصلو سمورن اڳواڻن ڪيو آهي. جي يو آءِ(ف)، مسلم ليگ(ن) ۽ پاڪستان بار ڪائونسل طرفان ٻن ججز اتي اعتراض اٿاريو ويو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ بار ڪنهن ٻئي وڪيل جي ذريعي پنهنجي نمائندگي عدالت ۾ ڪندو. صدر طرفان ان جو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته مون کي لڳي ٿو ته اسان سڀني سياسي پارٽين کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ سڀ هتي موجود آهن. عدالت ۾ پنجاب جي گورنر جو وڪيل مصطفيٰ رمدي پيش ٿيو آهي. فاروق ايڇ نائيڪ (ن) ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ جو گڏيل بيان عدالت ۾ پڙهيو. هن چيو ته پي ايم ايل اين، پيپلز پارٽي، جي يو آءِ جو گڏيل بيان پڙهي رهيو آهيان ۽ ٽئي سياسي پارٽيون احترام سان چون ٿيون ته 2 رڪني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس جو حڪم سامهون آهي.فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته جسٽس جمال مندوخيل جو عدالت ۾ پڙهيل بيان به آهي، انصاف جي فراهمي ۽ فري ٽرائل جي حوالي سان ٻنهي ججز کي بينچ ۾ نه ويهڻ گهرجي. جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهو مناسب نه هوندو ته معاملو فل ڪورٽ ٻڌي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته چيف جسٽس کان درخواست ڪريان ٿو ته هن معاملي تي فل ڪورٽ بينچ جوڙيو وڃي. جسٽس اطهر من الله وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته مان 3/184 بابت سمجهان ٿو ته ڇو نه معاملو فل ڪورٽ ۾ ٻڌو وڃي. فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هن وقت مان انهي معاملي ڏانهن نه ويندس منهنجو به خيال ساڳيو آهي ته معاملو فل ڪورٽ ۾ ٻڌو وڃي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اسان پهريان ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي ڳالهائينداسين.ٻڌڻي دوران عوامي مسلم ليگ جي وڪيل اظهر صديق دليلن ۾ چيو ته سياسي اڳواڻن کي عدليه کي بدنام ڪرڻ جي اجازت ڇو پئي ڏني وڃي. اها تمام گهڻو سنجيده اشو آهي، فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ سڀني کان پهريان اهم ڪيس آهي. سڀني کان پهريان جوڙجڪ جو معاملو آهي ۽ ڏسڻو آهي ته بينچ جي جوڙجڪ ڪيئن ٿئي.جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته آئين جي تشريح جو معاملو پارليامينٽ ۾ حل ڇو نٿا ڪريو؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پهرين شيءَ فاروق ايڇ نائيڪ جيڪو حڪم پڙهيو اهو 16 فيبروري جو آهي. جڏهن ته پاڻمرادو نوٽيس 22 فيبروري تي ورتو ويو. ان دوران تمام گهڻا سنجيده معاملا سامهون آيا هڪ ته صدر طرفان تاريخ ڏيڻ ۽ ٻيو اسپيڪر طرفان درخواست ڏيڻ، عام طور تي شهري انصاف جي لاءِ عدالت ايندا آهن پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته هن ڀيري آئين دروازو وڄايو آهي.عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ چيف جسٽس جو اختيار آهي. آرٽيڪل 184/3 سان گڏ اسپيڪر جون درخواستون به اڄ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهن. عدالت اسپيڪرز طرفان درخواستن ۾ اٿاريل قانوني سوال به ڏسي رهي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت چوندن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.