پنجاب ۾ برساتن جو سلسلو 5 سيپٽمبر تائين جاري رهڻ جو امڪان، دريائن ۾ پاڻي جي سطح ۾ اضافو

لاهور: پي ڊي ايم اي پنجاب اڳڪٿي جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته صوبي ۾ برساتن جو سلسلو 5 سيپٽمبر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب سيلابي صورتحال ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي۔اداري جي رپورٽ موجب درياهه چناب ۽ راوي سميت پنجاب جا وڏا درياهه بلند سطح تي وهڻ لڳا آهن۔ مراله هيڊ ورڪس تي پاڻي جي سطح 4 لک 68 هزار ڪيوسڪ، خانڪي هيڊ ورڪس تي 3 لک 39 هزار 470 ڪيوسڪ ۽ قادرآباد هيڊ ورڪس تي 2 لک 32 هزار 450 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ ڇنيوٽ پل وٽ پاڻي جي وهڪري جو انگ 1 لک 8 هزار 343 ڪيوسڪ آهي۔ تريمون هيڊ ورڪس تي 3 لک 55 هزار 744 ڪيوسڪ، درياهه راوي جسڙ وٽ 71 هزار 10 ڪيوسڪ، راوي سائفن تي 54 هزار 190 ڪيوسڪ ۽ شاهدره وٽ 53 هزار 630 ڪيوسڪ پاڻي وهڻ لڳو آهي۔ جڏهن ته بلوڪي هيڊ ورڪس تي 1 لک 17 هزار 655 ڪيوسڪ ۽ صدهنائي هيڊ ورڪس تي 1 لک 93 هزار 470 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔ پي ڊي ايم اي جي انگن اکرن مطابق درياهه ستلج به بلند سطح تي آهي، ايس والا وٽ 2 لک 69 هزار 501 ڪيوسڪ، سليمانڪي هيڊ ورڪس تي 1 لک 22 هزار 736 ڪيوسڪ، اسلام هيڊ ورڪس تي 95 هزار 727 ڪيوسڪ ۽ پنجند هيڊ ورڪس تي 1 لک 82 هزار 107 ڪيوسڪ پاڻي جي سطح رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن برساتن جو سلسلو جاري رهيو ته سيلاب جي خطري ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته واسا ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل الرٽ رهن۔