لاهورپنجاب ۾ برساتن ۽ ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سبب درياهن ۾ چاڙهه برقرار آهي، جنهن ڪري وڏي پئماني تي تباهي سامهون اچي رهي آهي۔ستلج درياهه ۾ اوچتو چاڙهه اچڻ بعد بهاولپور ۾ 7 حفاظتي بند ٽٽي پيا، جنهن سان سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويا۔ ساڳئي وقت چناب درياهه ۾ به وڏو وهڪرو جهنگ ۾ داخل ٿي ويو، جنهن سان 300 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا ۽ زراعت کي وڏو نقصان پهتو۔ ڪمشنر ملتان جو چوڻ آهي ته سڀاڻي لڳ ڀڳ 8 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ملتان ۾ داخل ٿيندو، جنهن سبب مظفرڳڙهه ۽ ملتان لاءِ به خطري جي گهنٽي وڄي وئي آهي۔ ساڳئي وقت راوي درياهه ۾ چاڙهه سبب فيصل آباد جا سوين ڳوٺ متاثر ٿيا آهن۔ برساتن ۽ ڀارت ۾ حفاظتي بند ٽٽڻ بعد صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي وئي آهي۔ سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب 33 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 2200 کان وڌيڪ ڳوٺ مڪمل طور ٻڏي ويا آهن۔ پنجاب ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (PDMA) جي ڊي جي عرفان علي ڪاٺيا ٻڌايو ته متاثر ماڻهن لاءِ سرڪاري اسڪولن کي عارضي پناهگاهن ۾ تبديل ڪيو ويو آهي۔ ٻئي طرف رحيم يار خان ۽ راجنپور ضلعن ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ راول ڊيم جي سطح وڌڻ بعد اسپيل ويز کوليا ويا آهن۔