پير بابا ۽ ڀرپاسي ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ، ڳوٺاڻا لڏ پلاڻ تي مجبور

پير بابا ۽ ڀرپاسي علائقن ۾ تيز برساتن کان پوءِ نالن ۽ وهڪرن ۾ اچانڪ چاڙهه سبب ڳوٺاڻن جي زندگي متاثر ٿي وئي آهي. پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ بعد ڪيترن ئي علائقن ۾ مسجدن مان لڏ پلاڻ جا اعلان ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ مقامي ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن. ضلعي انتظاميه پاران ريسڪيو ٽيمون روانيون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه سبب ڪيترائي رابطا روڊ به متاثر ٿيا آهن. ٻوڏ جي پاڻي سان تيار ٿيل فصلن ۽ باغن کي به شديد نقصان پهتو آهي. ڊپٽي ڪمشنر بونير ڪاشف قيوم جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ هاءِ الرٽ جاري آهي ۽ صورتحال کي ويجهو کان مانيٽر ڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ آهي ته بٽني ۽ قدر نگر ۾ پاڻي جي سطح تيزي سان بلند ٿي رهي آهي، جيڪو هاڻي پير بابا جي مرڪزي بازار ۽ روڊن تائين پهچي ويو آهي. عوام کي بار بار محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته محفوظ هنڌن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ متاثرن کي عارضي رهائشگاهن ۾ منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن مالاڪنڊ جي مختلف علائقن، جن ۾ بٽ خيله، الهه ڊهنڊ ڊيري ۽ ڀرپاسي شامل آهن، تيز برسات سبب پاڻي جي سطح وڌي وئي آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) موجب، 3 سيپٽمبر تائين وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻوڏ جي خطري بابت اڳواٽ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي گهري وڃڻ ۽ ڳوٺن جي متاثر ٿيڻ جا امڪان آهن.