پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ ٽرانسپورٽ ڪرائن ۾ به 3 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس جي صدر ملڪ شهزاد اعوان ٽرانسپورٽ ڪرائن ۾ اضافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سڄي پاڪستان جا ٽرانسپورٽر وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل اضافي جي سخت مذمت ڪن ٿا.

هن چيو ته اسان ٽن سيڪڙو ڪرائي ۾ اضافي جو اعلان ڪريون ٿا، ڇو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان هر پاڪستاني متاثر ٿئي ٿو. وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ٽرانسپورٽرن کي ديوار سان لڳائڻ چاهين ٿيون.

ملڪ شهزاد اعوان جو وڌيڪ چوڻ هو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت جي غلط پاليسين سبب اسان کي اڳ ۾ به ملڪ گير هڙتال ڪرڻي پئي هئي، پر ان هڙتال دوران وفاقي وزير پورٽ اينڊ شپنگ ۽ وفاقي وزير مواصلات سان جيڪي معاهدا ٿيا، انهن تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿيو.

هن چيو ته وزيراعليٰ پنجاب جي هدايت تي سينيئر وزير پنجاب مريم اورنگزيب ۽ صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سان جيڪي معاهدا طئي ٿيا هئا، اهي به پورا ناهن ڪيا ويا.

صدر پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٽرانسپورٽرن سان ڪيل واعدن تي عمل نه ڪيو ويو ته ٻيهر ملڪ گير پرامن هڙتال ڪئي ويندي، جنهن جي سموري ذميواري وفاقي ۽ پنجاب حڪومت تي هوندي.

هن وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي هڙتال دوران ٽرانسپورٽرن سان ڪيل سڀ واعدا فوري طور تي پورا ڪيا وڃن.