پيٽرول سستو، پر ليـوي ۾ واڌ؛ حڪومت نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر هڪ رپيو 97 پئسا گهٽتائي ڪئي آهي، پر ساڳئي وقت پيٽرول تي لاڳو ليـوي ۾ 6 رپيا 22 پئسا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول تي ليـوي 64 رپيا 14 پئسا مان وڌائي 70 رپيا 36 پئسا في ليٽر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل تي ليـوي 77 رپيا 4 پئسا مان گهٽائي 70 رپيا 82 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.وٽيفڪيشن موجب مٽيءَ جي تيل تي ليـوي 20 رپيا 36 پئسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل تي ليـوي 15 رپيا 84 پئسا في ليٽر برقرار آهي.حڪومت طرفان پيٽرول ۽ ڊيزل جي نون اگهن ۽ ليـوي جي شرحن جو اطلاق فوري طور تي لاڳو ڪيو ويو آهي.