سپريم ڪورٽ پي آءِ جي کي 205 نين پروفيشنل ڀرتين جي اجازت ڏيندي وڌيڪ 45 سيٽن تي ڀرتين جو معاملو ملتوي ڪري ڇڏيو.
جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ پي آءِ اي ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت ڀرتين جو عمل صاف، شفاف بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نين ڀرتين سان پي آءِ اي تي ماهوار 9 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بار پوندو.ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي جي سروسز جو ميعار اَپ ٽو مارڪ ناهي، نين ڀرتين سان ماهوار نوَ ڪروڙ کان وڌيڪ اداري تي بار پوندو.پي آءِ اي جي سي ايِ او ٻڌايو ته اداري کي پيرن تي کڙو ڪرڻ لاءِ پلان جوڙيو آهي، قومي ايئرلائين جو گذريل ڇهن مهينن جو منافعو ٽي ارب آهي، وڌيڪ انٽرنيشنل، نيشنل روٽس تي فلائيٽ آپريشن شروع ڪبا.